سير ڍنڍ 2

سير ڍنڍ-2: هيءَ ڍنڍ شهدادڪوٽ شهر کان اولهه طرف 9 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ محمد بخش کوسي جي ڏکڻ پاسي ۾ موجود آهي. ان جي ايراضي اندازن چئن سو ايڪڙن کان به سرس ٿئي ٿي. اها سياري ۾ سهڻي لڳندي آهي. ويتر وڙ وڙ جا پکي ۽ ٻي جهنگلي جيوت ان جي سونهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيندي آهي. هتي مڇي به جام ماري وڃي ٿي. هن ڍنڍ تان جن پکين جو شڪار ڪيو ويندو آهي، تن ۾ نيرڳ، ڊگوش، ٻولاهي، ڦاراهو، ڳهڻو، بڊو، ٽيٽو، ڇاڙو، منگهه، هنج، سامونڊي ڪرڙو، ٿري نيرڳ، کڙڳ، ڏوئڙ، ڪانئرو، پيئڻ پکي ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو